اسلام آباد : سپريم ڪورٽ ريڪوڊڪ بابت صدارتي ريفرنس جي شنوائي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته ريڪوڊڪ صدارتي ريفرنس ۾ پڇيل سوال مبهم آهن. اهو ئي قانون حاوي هوندو، جيڪو وفاق ۽ صوبائي سطح تي هڪجهڙائي رکندو آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل تي ٻڌل 5 رڪني بئنچ ريڪوڊڪ بابت صدارتي ريفرنس جي شنوائي ڪئي. ان دوران بلوچستان حڪومت جي وڪيل ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان ريفرنس جي حق ۾ دليل ڏنا. هن چيو ته ريڪوڊڪ معاهدو عوامي مفاد جو معاملو آهي ۽ صدر ان تي ريفرنس موڪلڻ جو اختيار رکي ٿو. اهو ضروري ناهي ته ريفرنس ۾ سوال صفا ٺيڪ نقطي تي ٺاهيا ويا هجن، ڀارتي سپريم ڪورٽ قرار ڏئي چڪي ته دليلن ۾ نڪتن تي عدالت راءِ ڏئي سگهي ٿي. عامر رحمان دليل ڏنا ته معدنيات ايڪٽ آئين ۾ شامل ناهي پر ان جون ڪجهه شقون وفاق ۽ ڪجهه صوبن جي اختيار ۾ هليون ويون. جسٽس يحيٰ آفريدي پڇاڻو ڪيو ته ڇا حڪومت معدنيات رولز ۾ ترميمون نٿي ڪري سگهي؟ ان ۾ ترميم سان بنيادي حق متاثر ٿيا ته عدالت مداخلت ڪندي. جسٽس منيب اختر ريمارڪس ڏنا ته قانون جادو وانگر لاڳو ناهن ٿي ويندا، اهو قانون حاوي هوندو، جيڪو وفاق ۽ صوبائي سطح تي هڪجهڙائي رکندو آهي. ڪيس جي وڌيڪ شنوائي اربع تي ٿيندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close