اسلام آبادپاڪستان

ارشد شريف ڪيس ۾ فيصل واوڊا ۽ مراد سعيد ڪميٽي وٽ طلب

اسلام آباد: سينيئر صحافي ارشد شريف قتل ڪيس ۾ فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي فيصل واوڊا ۽ مراد سعيد کي طلب ڪري ورتو. ميڊيا رپورٽ مطابق ارشد شريف قتل ڪيس ۾ وقار احمد ۽ سندس زال نيروبي ۾ انڊيپينڊنٽ پوليس اوور سائيٽ اٿارٽي جي سامهون پيش ٿيا، جتي انڊيپينڊنٽ پوليس اوور سائيٽ اٿارٽي ارشد شريف قتل جي حوالي سان پڇاڳاڇا ڪئي. ذريعن مطابق فيصل واوڊا ۽ مراد سعيد کي فيڪٽ فائڊنگ ڪميٽي سومر تي ايف آئي اي هيڊڪوارٽر گهرائي ورتو. ٻنهي اڳواڻن کي ثبوتن سان ايف آئي اي هيڊڪوارٽر اچڻ لاءِ نوٽيس اماڻيا ويا آهن. فيصل واوڊا مراد سعيد دعويٰ ڪئي هئي ته اهي ارشد شريف کي لاحق خطرن کان آگاهه هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button