اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم شهباز شريف ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ٿي پيو

اسلام آباد :وزيراعظم شهبازشريف کي ڪرونا ٿي ويو آهي. اها ڳالهه اڱاري تي سنڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌائي. هن ٻڌايو ته ٻن ڏينهن کان وزيراعظم جي طبيعت ناساز هئي، ڊاڪٽر جي مشوري سان ڪرونا ٽيسٽ ڪرائي جيڪا پازيٽيو آئي. هن عوام ۽ ڪارڪنن کي وزيراعظم جي جلد تندرستي لاءِ دعا جي اپيل ڪئي. صدر عارف علوي وزيراعظم شهبازشريف جي ڪرونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ تي ان لاءِ جلد صحتياب ٿيڻ جي دعوا ڪئي. جڏهن ته صدر وزيراعظم جي صحت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڪرونا دوران احتياط ڪريو الله تعاليٰ اوهان کي جلد صحت ڪاملا عطا فرمائي. هوڏانهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وزيراعظم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ چيو ته اميد آهي ته وزيراعطم شهبازشريف جلد تندرست ٿي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button