لاڙڪاڻي ۾ شهرين جي شڪايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو جي اڳواڻي ۾ اينٽي انڪروچمينٽ فورس ۽ ميونسپل عملي چانڊڪا پل، سچل ڪالوني سميت ٻين علائقن ۾ حددخلين خلاف ڪارروايون ڪندي روڊ جي ٻنهي پاسي غيرقانوني اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪري مانڊيون، ريڙهيون، صندل، ريتي، بجري، سيمينٽ ٻورين سميت ٻيو سامان منتقل ڪري دڪاندارن کي سختي سان هدايت ڪئي ته هو حددخلين کان پاسو ڪري غيرقانوني اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪن ٻي صورت ڪيس داخل ڪري ڪاروائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو چيو ته شهرين جي شڪايتن تي آپريشن ڪيو ويو، حددخلين ڪري چانڊڪا پل ۽ سچل ڪالوني روڊن جتي ٽريفڪ جام ٿيڻ معمول بڻيل آهي ۽ پيپلز بس سروس جو روٽ به سخت متاثر ٿي رهيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close