لاڙڪاڻي جي غريب آباد پاڙي جي رهواسين ٻن ڄڻن کي کنڀي گم ڪرڻ تي پوليس خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي غريب آباد پاڙي جي رهواسڻ روبينه چانڊيو پنهنجي ننهن شبانه، ڌيءَ عظمان، ڀاڄائي صنم، پٽ ثناءَ الله چانڊيو ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته وليد پوليس گذريل خميس ڏينهن منهنجي پٽ سڌير چانڊيو ۽ ڏهٽي شاهه جهان ڪهيري مٿان ڦر جو ڪوڙو الزام لڳائي کين گرفتار ڪري وليد ٿاڻي بعد ۾ سي آءِ اي ٿاڻي منتقل ڪيو آهي، ايس ايڇ او وليد عبدالغفور ڇٽو ٻنهي جي آزادي لاءِ 10 لک گهريا ان تي اسان کيس 4 لک روپيا ڏنا پر ان باوجود پوليس گرفتاري ظاهر ڪرڻ بدران سوشل ميڊيا تي اهو بيان هلايو آهي ته ٻئي ڄڻا پوليس موبائيل مان فرار ٿي ويا آهن، جن کي نامعلوم هنڌ لڪايو ويو آهي. خدشو آهي ته پوليس انهن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري فل فراءِ يا هاف فراءِ ڪندي. هن چيو ته جيڪڏهن پٽ ۽ ويڳي ڏهٽي مٿان ڪيس داخل آهن ته انهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. ان کان اڳ به پوليس کين گرفتار ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا جن مان هو آزاد ٿي چڪا ۽ هو هاڻي خضدار ۽ شيخ زيد موڙ تي ويگن جا اسٽارٽر آهن جن کي بيگناهه کنڀي گم ڪري ناانصافي ڪئي وئي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته پٽ ۽ ڏهٽي کي کي آزاد ڪرائي پوليس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ اسان پاڻ کي باهه ڏيئي ساري ڇڏينداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close