سنڌ حڪومت تاريخ ۾ پهريون ڀيرو لاڙڪاڻي ۾ ليڊي اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. خبر موجب سنڌ حڪومت اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو احمد علي سومرو کي بدلي ڪري سندس جاءِ تي 17هين گريڊ جي شاهده پروين ڄامڙو کي لاڙڪاڻي جي اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ڪري اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. شاھده پروين کي ڪورنگي مان بدلي ڪري لاڙڪاڻي ۾ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته احمد علي سومرو کي هيڊڪوارٽر رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح 17 هين گريڊ جي شاهده پروين ڄامڙو لاڙڪاڻي جي پهرين ليڊي اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ٿيڻ جو اعزاز ماڻي ورتو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close