برسات متاثرن ٽنڊو جان محمد کان ريلي ڪڍي ڊي سي ميرپورخاص آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڊگھڙي، ٽنڊو جان محمد ۽ ٻين علائقن جي برسات متاثرن 5 مھينن کان پاڻي نيڪال نھ ٿيڻ خلاف ٽنڊو جان محمد خان 45 ڪلوميٽر ريلي ڪڍي، جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي ميرپورخاص پريس ڪلب پھتي، جتان بعد ۾ احتجاج ڪندڙ ڊي سي آفيس جي گيٽ آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ڳالھائيندي ممتاز جروار، احسان جروار، محمد علي ڪلوئي، ارباب عنايت الله ۽ ٻين چيو تھ اسان جا علائقا پاڻي ۾ ٻڏل آھن، پر اتان پاڻي نيڪال نھ پيو ڪيو وڃي. ھنن چيو تھ ڊگھڙيءَ ۾ ھڪ غير فطري نالو ڪڍي، بااثر آبادگارن جي ٻنين جو پاڻي ٽنڊو جان محمد ڀرسان گڏ ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ ھن وقت درجنين ڳوٺ ٻڏل آھن ۽ ھزارين ايڪڙ زمين پاڻيءَ ھيٺ آيل آھي. ھنن چيو تھ پاڻي سبب ھڪ طرف ماڻھو ڪچا پڪا اجھا ڊھي چڪا آھن تھ ٻئي طرف اڳواٽ پوکيل فصل تباھھ ٿيا، مٿان وري نئون فصل به پوکي نه سگهيا آهيون، ھنن چيو تھ ھو پاڻي نيڪال لاءِ ضلعي انتظاميا، ايل بي او ڊي ۽ آبپاشي کاتي وارا ڪيترائي ڀيرا واعدا ڪري چڪا آھن پر 5 مھينن تائين ھڪ ڦڙو بھ پاڻي نيڪال ناھي ڪيو ويو. ھنن چيو تھ ماحولياتي تبديلين سبب اڃا وڌيڪ ٻوڏن جو خطرو ظاھر ڪيو پيو وڃي پر سرڪار اڃا تائين پاڻي جي قدرتي وھڪرن جي بحالي لاءِ ڪي بھ جوڳا اپاءَ ناھن ورتا، پاڻي جي گذرگاھن تي باااثر ماڻھن جا قبضا آھن. ھنن مطالبو ڪيو تھ پاڻي نيڪال لاءِ اپاءَ ورتا وڃن، ٻي صورت ۾ ميرپورخاص _ حيدرآباد روڊ تي اڻڄاتل مدي تائين ڌرڻو ھنيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close