شاهپورچاڪر: شاهپور چاڪر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ سياسي سماجي اڳواڻ سرور ڏاهري جي گهران ٿيل چوري واپس نه ٿيڻ توڙي ٿاڻي اندر ايس ايڇ او پاران کيس مبينا ڌمڪيون ڏيڻ خلاف سرور ڏاهري جي معصوم نياڻي ناياب ڏاهري پنهنجي ڪٽنب ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سان گڏ شهر جي مين ناڪي کان ٿاڻي تائين هٿ ۾ لالٽين کڻي پيرين اگهاڙي مارچ ڪري ٿاڻي اڳيان مظاهرو ڪري اس ۾ 3 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، ڌرڻي ۾ عوامي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاهري، سنڌ سرتيون آرگنائيزيشن جي چيئرپرسن ادي زاهده ڏاهري، ف ليگ اڳواڻ وقار حسين جٽ، ايس ٽي پي ضلعي صدر علي ڏنو خاصخيلي، ڪامريڊ جبار جوڻيجو، عوامي ورڪرز پارٽي اڳواڻ مير حسن مري، قومي عوامي تحريڪ جي آتم ڀيل، ابراهيم بگٽي، حضور بخش ڏاھري، جي ڊبليو سي جي مرڪزي آرگنائيزر ڪميٽي جي ميمبر شاهه محمد شاهه، پي ٽي آئي اڳواڻ شاهد سومرو، عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ اسلم آزاد خاصخيلي، ايمان سنجراڻي، ڏاهري ينگ آرگنائيزيشن جي نويد علي ڏاهري، صحافي عزيز ڏاھري، اختر سنجراڻي، امداد ڏاهري، علي گل ڪيريو، ڪامريڊ علي نواز ڏاهري، نظير سنڌي ڏاهري، رجب سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سرور ڏاهري جي گهران چوري ٿئي اڍائي مهينن کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آھي، چوري جي ايف آئي آر به داخل ٿيل آھي، پر پوليس ڪارروائي نٿي ڪري، پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار به ڪيو، جنهن کي به آزاد ڪيو ويو، پوليس ڏوهارين جي ساٿاري بڻيل آھي، غريب مسڪين ماڻھن کي پنهنجي چوري واپس ڪرائڻ لاءِ ٻارين ٻچين روڊن تي اچي احتجاج ڪرڻو ٿو پوي، معصوم نياڻي ناياب ڏاهري انصاف لا هر در کڙڪايو آھي. هنن چتا ڏنو ته چور گرفتار ڪري ايس ايڇ او کي نه هٽايو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ان موقعي تي ف ليگ اڳواڻ وڪيل وقار حسين جٽ سرور ڏاهري ۽ ناياب ڏاهري جو ڪيس مفت وڙهڻ جو اعلان ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close