اسلام آبادپاڪستان

وفاقي سرڪار عمران تي حملي جي جاچ بابت جي آ ٽي تي اعتراض واري ڇڏيا

اسلام آباد: وفاقي سرڪار عمران خان تي حملي جي جاچ لاءِ جوڙيل جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم تي اعتراض واري ڇڏيا آهن. وفاقي گھرو وزارت پنجاب جي گھرو کاتي کي خط لکي ڇڏيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جي آءِ ٽي ۾ سمورا ميمبر پنجاب پوليس جا آهن. گھرو وزارت اعتراض ڪيو آهي ته جي آءِ ٽي ۾ ڪنهن ٻي ايجنسي ۽ ڳجهي اداري جا نمائندا ناهن. خط ۾ وفاقي حڪومت جي آءِ ٽي ۾ آءِ ايس آءِ، آءِ بي جي نمائندي شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني ته سٺو ٿيندو پنجاب حڪومت جي آءِ ٽي ۾ وفاقي ايجنسيز جا نمائندا به شامل ڪري. خط ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب حڪومت جي آءِ ٽي جو سربراهه سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر کي بڻايو، هن کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن معطل ڪري چڪي آهي. غلام محمود ڊوگر کي عارضي طور تي فيڊرل سروس ٽربيونل مان رليف مليو، اهڙي آفيسر کي جي آءِ ٽي جو سربراهه مقرر ڪرڻ سان اڻ ڌري جاچ ممڪن ناهي. ان کان اڳ به اها خبر سامهون آئي هئي ته جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم ۾ انٽيليجنس ادارن جا نمائندا شامل ئي ناهن ڪيا ويا. جي آءِ ٽي ۾ 1997 جي سيڪشن 19 جي سب سيڪشن ون تحت انٽيليجنس ادارن جا نمائندا شامل هوندا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم ۾ جيڪڏهن انٽيليجنس نمائندو شامل نه هجي ته اها پوليس جي ڪميٽي سڏي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button