اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ ۾ لانگ مارچ خلاف درخواست شنوائي لاءِ مقرر

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ خلاف آئيني درخواست شنوائي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ خلاف ايڊووڪيٽ ڪامران مرتضيٰ جي درخواست تي شنوائي ڪندي. سپريم ڪورٽ رجسٽرار آفيس ڪامران مرتضيٰ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس عائشا ملڪ ۽ جسٽس اطهر من الله تي ٻڌل ٽي رڪني بينچ سڀاڻي ڪيس جي شنوائي ڪندي. ايڊووڪيٽ ڪامران مرتضيٰ تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ کي قاعدن ۽ ضابطن جو پابند بڻائڻ لاءِ آئين جي آرٽيڪل (3) 184 تحت درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ عوامي اهميت ۽ بنيادي حقن جو معاملو اٿاريو ويو هو. درخواست ۾ چيو ويو ته عمران خان جو لانگ مارچ اسلام آباد طرف اچي رهيو آهي، ريلي اسلام آباد پهچندي هٿياربند ويڙهه جو خطرو آهي. درخواست ۾ سپريم ڪورٽ کي استدعا ڪئي وئي ته لانگ مارچ ۾ امن امان برقرار رکڻ جا حڪم ڏنا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button