ڪشمور ۾ چوري، ڦر ۽ اغوا جي وارداتن جو سلسلو رڪجي نه سگهيو. ڪشمور ويجهو ڳوٺ علي محمد کوسو ۾ اڳوڻي ٽائون چيئرمين مير اسرار احمد کوسي جي مال واري واڙي تي 25 هٿياربندن حملو ڪري 35 ڀلوڙ مينهون ۽ ڳئون ڪاهي فرار ٿي ويا. ان دوران ڳوٺاڻن ۽ هٿياربندن ۾ مقابلو پڻ ٿيو، جنهن ۾ چار چوڪيدار زخمي ۽ واڙي جو مالڪ حاجي نياز احمد کي زخمي ڪري ڇڏيو. 25 هٿياربند 35 مينهن سان گڏ مال تي چوڪيداري ڪندڙ 4 ڄڻن کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا. مينهن جي قيمت اٽڪل هڪ ڪروڙ روپيا ٻڌائي پئي وڃي. درگاه عاليه ڀرچونڊي شريف جي سجاده نشين ميان محمد يوسف الرسول، ميان عبدالحسيب قادري سميت متاثرن اسرار احمد کوسو، حاجي نياز احمد کوسو، منظور احمد کوسو جو پوليس ٿاڻي تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن دانهيندي چيو ته ڌاڙيل ڏينهن رات سرگرم آهن، پوليس چورن خلاف ڪارروائي ڪري ته جيئن شهري سُک جو ساهه کڻي سگهن، جيستائين چور گرفتار نه ٿيندا ۽ مال واپس نه ٿيندو اوستائين اسان جو احتجاج جاري رهندو. ايس ايڇ او ڪشمور اقتدار حسين جتوئي عوام کي پيغام ڏنو ته ڪنهن به واقعي جي اطلاع تي بروقت ڪارروائي ڪئي ويندي. جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ عوام کي تحفظ ڏيڻ اسان جو فرض آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close