نوابشاهه: حق صوفي ازم ورلڊ پاران تنظيم جي بانيڪار فقير جي ايم ڏاهري المعروف مست پروازي پاران ميخانه بيت التصوف ھائوسنگ سوسائٽيءَ نوابشاهه ۾ صوفياڻي محفل سجائي وئي. حضرت علي عليه السلام جي 21 سان منسوب محفل ۾ سنڌ جي ناميارن صوفي ۽ لوڪ فنڪارن منور علي ابڙو، ساجد علي ساجد، صدرالدين شاھه، مير محمد لغاري ۽ ٻين سر ورکا ڪري وجد طاري ڪري ڇڏيو. جڏهن ته فقيرن پيرن ۾ ڇيرون ٻڌي زبردست رقص ڪيو. انَ موقعي تي فقير جي ايم ڏاهري المعروف مست پروازي چيو ته صوفين ھميشه پيار محبت ۽ امن جو درس ڏنو آهي، ھنن ميخانن تي ھميشه پيار محبت جي پرچار ڪئي ويندي آھي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close