اسلام آبادپاڪستان

ڪنهن کي حق ناهي ته اهو موٽروي تي ڌرڻو هڻي بيهي رهي:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آهي ته هي ڪنهن جو حق نه آهي جو اهو چئي ڇڏي ته موٽر وي تي ڌرڻو هڻندو ۽ اتي بيهي رهي. جيڪو جلسو ڪرڻ گهري ٿو ان جو حق آهي پر عام شهرين جا حق به متاثر نه ٿيڻ گهرجن. چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آئي ڌرڻي سبب رستا امڪاني طور تي بند ٿيڻ جي خلاف مقامي واپارين جي درخواست تي شنوائي ڪئي جنهن ۾ عدالت واپارين جي درخواست کي پي ٽي آئي ڌرڻو ۽ جلسي جي اين او سي وٺڻ جي درخواست سان گڏائي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ايڊووڪيٽ جنرل بئريسٽر جهانگير جدون ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال ڊوگر عدالت ۾ پيش ٿيو. واپارين جي وڪيل چيو ته ڪنتينرز کي رستن ۾ بيهاريو ويو آهي جنهن سان ڏکيائي ٿي رهي آهي. جڏهن ته ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد موقف اختيار ڪيو ته ڌرڻي ۽ جلسي جي اين او سي لا پي ٽي آئي جون درخواست التوا هيٺ آهن. هن درخواست کي به ان سان گڏ ٻڌو وڃي. درخواست گذار جي وڪيل چيو ته هاءِ ويز ۽ موٽر ويز تي ٽريفڪ رواني يقيني بنائڻ جا حڪم جاري ڪيا وڃن. ان تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هاءِ ويز ۽ موٽر ويز کي بند ڪري ڇڏيندا ته واپار به متاثر ٿيندو. هي ڪنهن جو حق نه آهي ته چئي ڇڏي ته موٽر وي تي ڌرڻو هڻندو ۽ بيهي رهي. جسٽس شوڪت علي صديقي ڌرڻي ڪيس ۾ فيصلو ڏنو هو ته سمورا جلسا پريڊ گرائوند ۾ ٿيندا. چيف جسٽس چيو ته اسلام آباد ۾ پرڏيهي به آهن ڊپلوميٽڪ موومينٽ به متاثر ٿئي ٿي. جيڪو جلسو ڪرڻ گهري ان جو حق آهي پر عام شهرين جا حق متاثر نه ٿيڻ گهرجن. جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏنا ته هاءِ ويز ۽ موٽر ويز تي ڪنٽرول فيڊريشن جو آهي اها ڳالهه واضح آهي ته فيڊريشن ان بابت ڊائريڪشن ڏئي سگهي ٿي، جنهن کان پوءِ عدالت ڌرڻي ۽ جلسي وارن رستن کي بند ڪرڻ جي خلاف تاجرن جي درخواست تي شنوائي اڄ جمعي تائين معطل ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button