اسلام آباد : چيف جسٽس عمر عطا بنديال نيب قانون ۾ ترميمن جي حوالي سان چيو آهي ته خرابي قانون ۾ نه آهي پر ان جي غلط استعمال ۾ آهي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ نيب ترميمن جي خلاف عمران خان جي درخواست تي 21 شنوائي ڪئي. عمران خان جي وڪيل خواجا حارث دليل جاري رکيا. جڏهن ته چيف جسٽس کيس چيو ته اوهان جو چوڻ درست آهي ته ڪرپشن هڪ بيماري آهي، ڪرپشن جو احتساب آئيني حڪمراني لاءِ لازمي آهي ۽ معيشت متاثر ٿئي ٿي. چيف جسٽس چيو ته عدالت اڳيان سوال آهي ته اسان ڪٿي لائين ڇڪيون جو بنيادي حق متاثر ٿيا آهن، خرابي نيب قانون ۾ نه آهي ان جي غلط استعمال ۾ آهي. چيف جسٽس چيو ته ڪرپشن سان سختي سان منهن ڏيڻ گهرجي. ان نتيجي تي عدالت پهتي آهي ته اسان وٽ ان جو بئنچ مارچ ڇا هوندو. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته عدالت روزاني جي بنياد تي بنيادي حقن سان ٽڪراءُ وارن مامرن تي فيصلا ڪري ٿي، سڀاڻي ڪو اسان وٽ هڪ شهري چوي ٿو ته پاڪستان ۾ ڪرپشن جو قانون نه آهي ته اسان پارليامينٽ کي چئي ڇڏيون ته هڪ قانون ٺاهي ڇڏي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اهو شهري پوءِ اچي چوي ته ڪرپشن جي خلاف قانون سخت نه آهي، ماڻهو ڇٽي رهيا آهن سخت قانون ٺاهڻ جون هدايت ڏيون ته پو اسان سخت قانون ٺاهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏيون ٿا ۽ اهو شهري ٻيهر اچي چوي ته قانون اڃا به سخت نه آهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته جيڪڏهن اهو ئي ڪرڻو آهي ته پوءِ پارليامينٽ کي اسان ئي هلائي وٺون ٿا، پارليامينت کي اهو چوڻ ته قانون کي وڌيڪ سخت بڻايون ڇا هي اسان جو ڪم آهي. هن چيو ته موسمي تبديلي سان وڏو خطرو پاڪستان لاءِ ٻيو ڪوئي نه آهي. نيب قانونن کان وڌيڪ اهم ڳالهه موسمي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ قانونسازي جي آهي. سڄو پاڪستان تباهه ٿي رهيو آهي، ٻوڏ ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته پوءِ شهري اچي چوي ته موسمي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ قانون سخت نه آهي، پارليامينٽ کي حڪم ڏيو. عمران خان جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته خواجا حارث صاحب ڇا ايئن ڪرڻ اسان جو ڪم آهي. هي ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچي. خواجا حارث چيو ته جيڪڏهن اوهان اجازت ڏيو ته ان سوال جي جواب ۾ عدالتي نظائر موجود آهن جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته مون کي به ان ڏينهن جو انتظار آهي، اوهان جي دليلن جي آخري ڏينهن لاءِ به مون وٽ سوال آهن. جڏهن ته هن مرڪندي خواجا حارث کان سوال ڪيو ته اوهان جي دليلن جو آخري ڏينهن ڪهڙو هوندو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته خواجا حارث اوهان ٻڌايو ته ڪرپشن سان بنيادي حق متاثر ٿين ٿا، طئي اهو ڪرڻو آهي ته عدالت جي ايڪشن جي ڇا شدت هئڻ گهرجي. خواجا حارث چيو ته نيب ترميم عوام ۽ چونڊيل نمائندن وچ ۾ سماجي معاهدي ۽ آئين جي خلاف آهي. موجوده قانون تحت عوامي عهديدار بطور ٽرسٽي احتساب مان نڪري ويندو. هن چيو ته درخواست ۾ اٿاريل 4 سوال سامهون رکي جواب ڳوليون ته هي عوام جو زندگي، پراپرٽي، انساني وقار جي خلاف آهي. چيف جسٽس چيو ته ريڪوڊڪ بابت صدارتي ريفرنس هڪ اهم معاملو آهي، عدالت نيب ترميمن جي خلاف درخواست تي شنوائ ملتوي ڪري ڇڏي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close