اسلام آباد :قومي اسيمبلي پاڪ فوج جي قربانين جي اعتراف ۽ هٿياربند فوج جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ يڪجهتي وارو ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو. ڪالهه قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر حسن ديهڙ پاڪ فوج جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن کي ايوان اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو. قرارداد جي متن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ملڪ جي جاگرافيائي سرحدن جي محافظ آهي. هڪ سياسي گروهه پاڪ فوج خلاف پروپئگنڊا ڪري رهيو آهي. پوري قوم پنهنجي فوج سان گڏ بيٺي آهي. متن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته رياست ۽ حڪومت مادر وطن خلاف مهم هلائيندڙن خلاف پنهنجا اختيار استعمال ڪن، پاڪ فوج اسان جي ريڊ لائن آهي، هي ايوان پنهنجي غير متزلزل اعتماد کي يقيني بڻائي ٿو، اهڙا عنصر دشمن جي مقصدن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا. جيڪو به پنهنجي حدن کان ٻاهر نڪري ويندو ۽ ان کي عبرت جو مثال بڻائڻ جو هي وقت آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close