پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ وچ شهر مان واپارين کان 18 لک روپين جي ڦر، روڊ بلاڪ ڪرڻ جو چتا

ميهڙ: ميهڙ جي وچ شھر الله واري چوڪ ڀرسان ٻن نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ڳوٺ ڪوٺي کوکر جي رائيس ملز جي مالڪ ۽ واپاري محمد حسن چنا ۽ واپاري فدا حسين چنا کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 18 لک رپيا روڪ ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا. اهڙو اطلاع ملڻ تي ڊي ايس پي ميهڙ وحيد بيگ ۽ رائيس ملز ايسوسيئيشن اڳواڻ نياز ٻرڙو واقعي واري هنڌ پهچي واپارين کان واقعي جا تفصيل ورتا. ان موقعي تي ڊي ايس پي ميهڙ وحيد بيگ پاران شھر جي مختلف رستن جي پوليس کي ناڪابندي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. هوڏانهن رائيس ملز ايسوسيئيشن اڳواڻ نياز ٻرڙو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ميهڙ ۾ وڌندڙ بدامني سبب واپاري ۽ ڪاروباري ماڻھو سخت پريشان آھن، پوليس پاران ڏوهارين سان ٻٽ هجڻ ڪري شھر ۾ ڏوهن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي. هنن چتا ڏنو ته واپاري محمد حسن چنا ۽ واپاري فدا حسين چنا کان ڦر ٿيل رقم واپس نه ڪرائي وئي ته انڊس ها وي بلاڪ ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button