ڪراچي: سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلر جي عهدي لاءِ سنڌ جي ڊوميسائيل هجڻ جو شرط ختم ڪيو ويو آهي. سيڪريٽري بورڊز ۽ يونيورسٽيز مريد راهمون پنهنجي آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هاڻي وي سي جي عهدي لا سڄي پاڪستان ۽ ٻاهرين ملڪ جا اميدوار به درخواست ڏئي سگهندا. هن چيو ته سنڌ جي 25 سرڪاري يونيورسٽين ڊائريڪٽر فنانس جي عهدي لاءِ 120 درخواستون، جڏهن ته 9 يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلر جي عهدي لاءِ 100 کان وڌيڪ درخواستون مليون آهن. هن چيو ته 80 اميدوارن کي ڊائريڪٽر فنانس جي ٽيسٽ لاءِ شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وائس چانسلر لاءِ مليل درخواستن جي جاچ جو عمل چيئرمين سنڌ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي عمري کان واپس اچڻ کانپوءِ 27 نومبر کان شروع ٿيندو. بورڊ ۽ يونيورسٽي واري سيڪريٽري ٻڌايو ته ٻين صوبن مان به اميدوارن درخواستون ڏنيون آهن، اسان ميرٽ تي سٺا اميدوار رکڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته ڊائريڪٽر فنانس جي عهدي تي اهل ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويندو، جنهن لاءِ ٽيسٽ جون پاسنگ مارڪون وڌائي رهيا آهيون، هي ٽيسٽ آئي بي اي ڪراچي وٺندي، جيڪڏهن اسان کي ٻئي مرحلي ۾ انٽرويو لاءِ ڪي وڌيڪ اهل ماڻهو نه مليا ته اسان ٻيهر اشتهار ڏئي ڇڏينداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close