سيوهڻ/خيرپور: سيوهڻ ويجهو قلندر جي پانڌيئڙن جي وين ڪلٽي ٿيڻ جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي. قلندر جي پانڍيئڙن جي وين ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ٻوڏ جي پاڻي جي کڏ ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارڙن ۽ عوتن سميت 20 کان مٿي ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. کڏ جو پاڻي گهڻو هجڻ جي ڪري سڄي وين پاڻي ۾ ٻڏي وئي، حادثي جو اطلاع ملڻ تي مقامي ماڻهن ۽ امدادي ٽيمن کڏ جي پاڻي ۾ ٻڏل وين مان ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو. خيرپور واسي پانڌيئڙا درگاهه قلندر لعل شهباز تي حاضري لاءِ وڃي رهيا هئا ته وين ڪلٽيون کائي ٻوڏ جي پاڻي جي کڏ ۾ ڪري پئي، پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن طرفان لاش ڪڍي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته انتظاميا ۽ پوليس کي وقت سر اطلاع ڏيڻ باوجود ريسڪيو آپريشن ۾ دير ڪئي وئي، جڏهن ته ٻڏل وين مان ڪيترن ئي ماڻهن کي بيهوشي جي حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو ويو آهي، جن کي طبي امداد جي لاءِ عبدالله شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. حادثي سبب فوت ٿيلن ۽ بيهوشي ٿيلن ۾ ٻار به شامل آهن.
واقعي کانپوءِ سيوهڻ اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. پوليس موجب انڊس هاءِ وي تي ٻوڏ جي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪٽ لڳايا ويا هئا، ٻوڏ واري صورتحال کي 2 مهينا گذرڻ باوجود ڪٽ ۽ کڏا نه ڀريا ويا، جنهن سبب حادثو پيش آيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته وين ۾ سوار 5 ڄڻن کي بچايو ويو، جن کي عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز منتقل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز سيوهڻ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر معين صديقي حادثي ۾ 18 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. ڊاڪٽر معين موجب فوت ٿي ويلن ۾ 4 ٻار، 6 ڇوڪريون ۽ 8 عورتون شامل آهن، ٻارن جي عمر 10 کان 15 سالن جي وچ ۾ آهي. عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته 5 زخمي علاج هيٺ آهن، جن مان 2 جي حالت نازڪ آهي.
هوڏانهن وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان سيوهڻ ۾ قلندر جي پانڌيئڙن جي وين سان پيش آيل حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ڄامشورو پوليس کي حادثي واري هنڌ پهچي ريسڪيو آپريشن ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. بدنصيب وين ۾ سوار پانڌيئڙا خيرپور جي دائود ڳوٺ جا رھواسي هئا، جيڪي سيوھڻ ۾ قلندر شھباز تي سُکا کڻي وڃي رهيا هئا ته حادثي جو شڪار ٿيا، فوتين ۾ الھڏنو ڦلپوٽو، عثمان، محبوب علي، جمن خاتون، ليلان، شاھدان، شھزادو، سونھن، شاھنواز، مديحه، الھڏني ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آھي، وارثن موجب وين ۾ مردن، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 ڄڻا سوار هئا، وين روڊ کي لڳل ڪٽ سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ٻوڏ جي پاڻي جي کڏ ۾ ڪلٽي ٿي وئي.