ميروخان ويجهو ڳوٺ ڊرٻ چانڊيو واسي پورهيت ڳوٺاڻي وزير علي ناريجو پريس ڪلب پهچي بااثر وڏيري ڊاڪٽر شاهه بيگ چانڊيو ۽ سندس ڪمدار پنهنجي ئي ننڍي ڀاءُ معشوق علي ناريجو جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پورهيت وزير علي ناريجو جو چوڻ هو ته گذريل برسات ۾ گهر مڪمل طور ڊهي ويو جنهن بعد پنهنجي ٻچڙن سميت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيان پر هاڻي سياري اچڻ ڪري ڪکائون اجھو ٺاهڻ لاءِ زمين تي بيٺل وڻ وڍيو ته وڏيري ڊاڪٽر شاهه بيگ چانڊيو منهنجي ڪمدار ڀاءُ معشوق علي ناريجو جي چوڻ تي گرفتار ڪرائي هڪ رات لاڪپ ڪرايو، جنهن بعد گهر ۾ ٻچڙن جي کائڻ لاءِ رکيل اناج کپائي پوليس کي 10 هزار رشوت ڏئي آزاد ٿيو آهيان. پورهيت ڊي آئي جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي وڏيري ۽ سندس ڪمدار خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close