رتوديرو جي پرائمري اسڪول ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف استادن ۽ شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي هيڊ ماستر انعام الله جلباڻي، اعجاز لولائي، سيد طارق شاهه، احسان علي ۽ ٻين چيو ته سال 2014ع ۾ تعمير ٿيل اسڪول کي ڪا بجيٽ ناهي ملي ۽ نه ئي اسڪول جي مرمت جو ڪم ڪرايو ويو آهي. اسان استاد پنهنجي مدد پاڻ تحت ۽ پاڙي وارن جي تعاون سان ڪم ڪرايو آهي. هنن چيو ته اسڪول ۾ فرنيچر جي سخت کوٽ آهي، استادن جي ويهڻ لاءِ ڪرسيون پوريون ناهن، جڏهن ته اسڪول ۾ نه واش روم ۽ نه پيئڻ جي پاڻي جي سهوليت آهي، اسڪول ۾ چوڪيدار نه هجڻ ڪري مختلف وقتن تي چوريون ٿيون آهن. هنن وڏي وزير، سيڪريٽري ۽ ٻين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي اسڪول ۾ فرنيچر، واش روم ۽ پيئڻ جي پاڻي جي سهولت ڏني وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close