اسلام آباد : پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو آرمي چيف جي مقرري جي معاملي تي چيو آهي ته خان صاحب! اهو فيصلو ٿيڻ ڏيو، توهان کي ان معاملي تي تماشو بند ڪرڻ گهرجي. آرمي چيف جي مقرري تائين عمران خان کي تماشو بند ڪرڻ گهرجي، اهو عمل مڪمل ٿيڻ بعد عمران خان جهڙن ماڻهن جي سياست ختم ٿي ويندي. صدر عارف علوي وٽ هي آخري موقعو آهي، جيڪڏهن هن گڙٻڙ جي ڪوشش ڪئي ته کيس نتيجا ڀوڳڻا پوندا. جيڪڏهن مقصد مارشل لا يا فوري چونڊون ناهن ته پو لانگ مارچ جي هن هفتي ئي چونڊ ڇو؟ ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته هڪ گهڙي چور حقيقي آزادي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، سندس لانگ مارچ جو ڪو جمهوري مقصد ناهي. هن سدائين غير جمهوري قوتن جي ڪلهن تي سياست ڪئي آهي. هن چيو ته عمران خان طرفان تاحيات واڌ جي آڇ کي آرمي چيف رد ڪري ڇڏيو، جنرل قمر جاويد باجوا جو اهو قدم سٺو سنئوڻ آهي. عمران خان جهڙي سياستدان جو مستقبل ادارن کي تڪراري بڻائڻ سان جڙيل آهي. هو چاهي ٿو ته نيون چونڊون ٿين يا ڪنهن طريقي سان مارشل لا لڳي وڃي. سندس چوڻ هو ته عمران خان کي چوان ٿو ته جيڪا راند توهان کيڏي رهيا آهيو هاڻ بند ڪيو. توهان جو مقصد حقيقي آزادي آهي نه ئي پاڪستان کي آمريت ڏانهن وٺي وڃڻ، پوءِ توهان راولپنڊي ۾ ڳالهائڻ جو انتخاب ڇو ڪيو؟ مطلب ته هن آئيني ۽ قانوني عمل کي تڪراري بڻايو پيو وڃي، سياست ڪئي پئي وڃي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر هن ملڪ جي تقدير سان کيڏيو پيو وڃي ۽ اسان ان کي برداشت نه ٿا ڪري سگهون، عمران خان کان مطالبو ڪيو ته هن عمل کي آئيني بڻايو وڃي ۽ ان کي قانوني طريقي سان مڪمل ڪيو وڃي، پوءِ راولپنڊي اچو. عمران خان آرمي چيف جي مقرري کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿو. آرمي چيف جي مقرري تائين کيس تماشو بند ڪرڻ گهرجي، خان صاحب اهو فيصلو ٿيڻ ڏيو. هن چيو ته پاڪستان جا جن رياستن سان لاڳاپا آهن، انهن کي نقصان پاڪستان يا عوام جي پاليسي جو نه پر هڪ وزيراعظم جي انا ۽ ڪردار جي ڪري ٿيو آهي. پرڏيهي پاليسي کي نقصان اسان جي خطي ۾ آهي. وچ اوڀر، آمريڪا سان لاڳاپا ٽيڪس جي ڪري خراب ٿي ويا آهن، جنهن جو بار عام ماڻهو کي برداشت ڪرڻو پيو. هن چيو ته مان عمران خان ۽ سمورين طاقتن کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته هاڻي راند کيڏڻ بند ڪيو، پاڪستان ان جو متحمل نٿو ٿي سگهي. اڄ توهان جيڪو مثال ڏئي رهيا آهيو اهو ملڪ لاءِ انتهائي خطرناڪ هوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آرمي چيف جي مقرري جو عمل مڪمل ٿيڻ سان عمران خان جهڙن گهڻن ماڻهن جي سياست ختم ٿي ويندي، جنهن کي روڪڻ لاءِ هو پنهنجي آخري ڪوشش ڪري رهيو آهي. صدر عارف علوي بابت ڳالهائيندي پ پ چيئرمين چيو ته کانئس امتحان ورتو هيوسين، بي اعتمادي وقت هن غير آئيني ڪم ڪندي اسيمبلي ٽوڙائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. اميد آهي ته هن ڀيري آئين ۽ قانون تحت سڀ ڪجهه ٿيندو، ڇا صدر عارف علوي پاڪستان جي عوام، آئين، جمهوريت سان وفاداري ڏيکاريندو يا عمران خان سان دوستي رکندو، اميد آهي ته ان وقت سڀ ڪجهه آئين ۽ قانون موجب ٿيندو. صدر عارف علوي وٽ هي آخري موقعو آهي، جيڪڏهن هن گڙٻڙ جي ڪوشش ڪئي ته کيس نتيجا ڀوڳڻا پوندا. هن جو امتحان آهي ته هو عمران خان سان گڏ آهي يا آئين سان؟
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close