خیيرپور: سيوهڻ سانحي ۾ زخمي نينگري فوت، انگ وڌي 21 ٿي ويو، سنڌ حڪومت پاران فوتين جي وارثن کي 10، 10 لک ڏيڻ جو اعلان. خبر موجب ٽي ڏينهن اڳ قلندر شھباز تي سک ڏيڻ لاءِ ويندڙ خيرپور جي ڳوٺ دائود ڦلپوٽو جي رهواسي ڦلپوٽا برداري جي ماڻھن جي وين سيوهڻ ويجهو ٽول پلازا وٽ روڊ کي ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڏنل ڪٽ ۾ ڪلٽي ٿي پئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 12 عورتون ۽ 8 معصوم ٻارن سميت 20 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا ۽ 13 زخمي ٿي پيا هئا. زخمين کي علاج لاءِ عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ اسپتال سيوهڻ ۾ داخل ڪرايو پيو هو، جتي زخمي نينگري مهرالنساءَ عرف پوپري ڌيءَ شاهنواز ڦلپوٽو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي، جنهن جو مڙهه سيوهڻ کان خيرپور سندس اباڻي ڳوٺ دائود ڦلپوٽو آندو ويو، جتي فوت ٿيل نينگري جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد اباڻي قبرستان ۾ آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته صوبائي وزير لوڪل گورنمنٽ سيد ناصر حسين شاهه، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاھه ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه سان گڏجي سيوھڻ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان تعزيت ڪئي. اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه تڏي تي وارثن ۽ ڳوٺاڻن سان مخاطب ٿيندي چيو ته سانحو وڏو آهي، پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت سڄي پارٽي فوتين جي غم ۾ برابر جي شريڪ آهي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه سنڌ حڪومت پاران فوتين جي وارثن کي 10، 10 لک امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته اهڙو معاوضو جلد ئي فوتين جي وارثن کي ملندو، حادثي تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي ۽ حادثي جو وفاقي حڪومت به نوٽيس ورتو آهي، شفاف انڪوائري ڪرائي ويندي جيڪو به ملوث نڪرندو ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪجھه وقت اڳ سنڌ حڪومت پنهنجي بجيٽ مان وفاقي حڪومت کي 7 ارب رپيا نيشنل ها وي اٿارٽي کي ڏئي ڇڏيا هئا ته انڊس ها وي روڊ کي ڊبل ڪيو وڃي پر گذريل نااهل وفاقي حڪومت جي ڪري ڪم شروع نه ٿي سگهيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close