پاڪستانسنڌ

ٿر ۾ خراب آر او پلانٽ جي نيب جاچ شروع ڪري ڇڏي، ٽيم ڇاڇرو پهتي

ڇاڇرو: ٿرپارڪر ۾ آر او پلانٽ واري منصوبي ۾ مبينا ڪرپشن ۽ خراب آر او پلانٽ فعال نه ٿيڻ توڙي ملازمن جي پگهارون جاري نه ڪرڻ واري معاملي جي نيب جاچ شروع ڪري ڇڏي. گذريل ڏينهن نيب جي ٽيم ٿر پهتي. نيب جي ٽيم پبلڪ هيلٿ کاتي ايڪسيئن غلام حيدر شيخ، ۽ خانگي ڪمپنين جي عملدارن سان گڏ ڇاڇرو پهچي ڳوٺ رڙلي، ٻپراڙيو، احمداڻي، ڀاني جو تڙ، مانٻائي جو تڙ سميت ٻين 8 ڳوٺن ۾ لڳل آر او پلانٽن جو جائزو ورتو. ٽيم سمورو معاملو ميڊيا کي ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ٽيم جي عملدارن چيو ته جاچ هلي پئي، هن وقت ڪجھه به ٻڌائي نٿا سگهون. ٻئي پاسي نيب ٽيم جي ڇاڇرو پهچڻ جي خبر جئين ئي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ته مختلف ڳوٺن ڀاڏاري، حاجي ڪريم جي ڍاڻي، ٽڳٺيو، اوڏاڻي، روهڙ، ڪيتار جيتراڙ، راڄوڙو ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين چيو ته اسان جي ڳوٺن ۾ سالن کان آر او پلانٽ فني خرابي سبب بند آهن، خانگي ڪمپنين ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي ايڪسيئن غلام حيدر شيخ آڏو دانهون ڪري ٿڪجي پيا آهيون، پر ڪير به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي. علي حسن راهمون، رحمت الله، حبيب الله، لڇمڻ ميگھواڙ ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پبلڪ هيلٿ کاتي جي آفيسر غلام حيدر شيخ کي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي، جنهن ڪمپنين سان ملي ڪروڙن جي ڪرپشن ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button