شهدادپور: شهدادپور ۾ آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن ۾ ماستري جا آرڊر ورهايا ويا. تعلقه ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري ميل شهدادپور محمد آچر باگراڻي ۽ تعلقي ايجوڪيشن آفيسر ميل پرائمري محمد انور زرداري آئي بي اي ٽيسٽ پاس استادن کي ھدايت ڪئي آھي ته اوهان پنهنجي محنت ۽ جفاڪشي سان ٽيسٽ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري استاد جھڙي مقدس مقام کي حاصل ڪيو آھي، اميد آھي ته نوان استاد پنهنجي مقدس پيشي سان انصاف ڪندي ايمانداري ۽ ذميداري سان سنڌ جي مسڪين مظلوم ڪٽنبن جي ٻارن کي تعليم جي ميدان تي اڳتي وٺي چئلينج قبول ڪندا ۽ ثابت ڪندا ته سنڌ حڪومت جا سرڪاري اسڪول ئي اصل تعليم جو مرڪز آھن. ان موقعي تي استادن کي مبارڪون ڏيندي سندن ڪاميابي تي خوشي جو اظھار پڻ ڪيو. ان موقعي تي تعلقي ايجوڪيشن آفيسر فيميل سيڪنڊري محمد رفيق آرائين، تعلقي ايجوڪيشن آفيسر فيميل پرائمري شهدادپور ارم عتيق آئي بي اي پاس اميدوارن ۾ آرڊر ورهايا. آفيسرن ڳالهائيندي چيو ته سمورن استادن کي ميرٽ تي ڀرتين جا آرڊر ڏنا ويا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close