پاڪستان

صدر جي ذريعي پيغام موڪليا ويا آهن، 26 نومبر تي سرپرائيز ڏيندس:عمران خان

اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته 26 نومبر تي سڀني کي سرپرائز ملندو، هي جنهن کي مرضي آرمي چيف مقرر ڪن، مون کي ان سان ڪو به مسئلو نه آهي، هي هاڻي ٻنهي پاسن کان ڦاسي چڪا آهن. لاهور ۾ پنهنجي رهائشگاهه زمان پارڪ تي صحافين سان ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه دوران عمران چيو ته مون کي هنن جي رٿابندي جو پتو آهي ۽ مان اڳتي جي پلاننگ ڪري رهيو آهيان، هاڻي هي ٻنهي پاسن کان ڦاسي چڪا آهن، جيڪڏهن اليڪشن ڪرائين ٿا ته فارغ ٿي ويندا ۽ جي نٿا ڪرائين ته ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ جو خطرو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته جلد کان جلد صاف شفاف چونڊون ٿين، عام اليڪشن کانسواءِ ملڪ جي مسئلن جو ڪو حل نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته صدر عارف علوي جي ذريعي مون کي پيغام اماڻيا پيا وڃن پر منهنجو هڪ ئي مطالبو آهي ته اليڪشن جي تاريخ ڏيو، ان کان پوءِ سڄي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، آئون عوام جي طاقت سان مقابلو ڪندس، هنن جا ڪرپشن جا قصا سڄي دنيا مان مشهور آهن، منهنجي خلاف پوري رياستي مشينري استعمال ڪري به گهڙي کانسوا ٻيو ڪجهه نه ڪڍي سگهيا، گهڙيِ واري معاملي تي عدالت وڃي رهيو آهيان. پي ٽي آئي چيئرمين چيو ته مون کي پڪ آهي ته عدالت ۾ هي پروپيگنڊا ايڪسپوز ٿي ويندي، انهن ڪڏهن به عوام جي طاقت کي سمجهيو ئي ناهي، شهبازشريف لنڊن جي عدالت ۾ به ڦاسي چڪو آهي ۽ لڳي ٿو ته هي اتي به آئوٽ آف پورٽ سيٽلمينٽ ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button