سنڌ

جيئي ڀٽو ڇڏيو، جيئي عوام جا نعرا هڻُو:ذوالفقار جونيئر

ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر جو چوڻ آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي اسان جي پارٽي ناهي، منهنجي والد پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو) ٺاهي هئي. ذوالفقار جونيئر ڪراچي ۾ منعقد ٿيندڙ پاڪستان جي پهرئين “سنڌ مورت مارچ” ۾ شرڪت ڪئي ۽ فريئر هال ۾ پڻ خطاب ڪيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي ذوالفقار جونيئر چيو ته مان پنهنجي ڪزن جي خلاف ناهيان، هو سٺو ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن سڀ ماڻهو جيئي ڀٽو، جيئي ڀٽو چوندا ته عوام کي وساري ڇڏيندو. هن چيو ته جيئي ڀٽو جيئي ڀٽو ڇڏيو، جيئي عوام جو نعرو هڻو، اسان جو عوام تمام پيارو ۽ خوبصورت آهي. ذوالفقار جونيئر چيو ته مون کي سياست جي گهڻي خبر ناهي، فن ۽ جهنگلي جيوت جي ڄاڻ آهي. ڪراچي جي فرييئر هال ۾ هڪ مورت مارچ فيسٽيول منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ خواجا سرائن پنهنجي حقن جي تحفظ لاءِ دل کولي ڳالهايو. ٽرانسجينڊر برادري چيو ته ٽرانسجيڊڈر پروٽيڪشن ايڪٽ خلاف پروپيگنڊا بند ڪئي وڃي. ٽرانسجينڊڈر برادري فريئر هال جي هڪ دروازي کان ميٽروپول روڊ ذريعي ٻئي دروازي تائين مارچ ڪيو. مارچ ۾ ٽرانسجينڊر جي حقن جي تحفظ لاءِ نعرا هنيا ويا ۽ فوت ٿيل ٽرانسجينڊرز جا علامتي جنازا پڻ کنيا ويا. ٽرانسجينڈر برادري جو چوڻ هو ته گذريل سالن ۾ اسان جا ٽي ڪارڪن قتل ٿيا. صوبائي وزير شهلا رضا ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر پڻ مورت مارچ ۾ خواجا سرائن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. شهلا رضا چيو ته خواجا سرا نه رڳو باشعور آهن پر پنهنجن حقن جي ڄاڻ به رکن ٿا. ذوالفقار ڀٽو جونيئر چيو ته اسان جي انسانيت ختم ٿي رهي آهي. مورت مارچ ۾ ٽرانسجينڊرز قومي ترانو به ڳايو ۽ رقص ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button