سنڌ

عمران آمريڪا جو ماڻهو آهي، هن کي آمريڪا هتي موڪليو:فضل الرحمان

پي ڊي ايم ۽ جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان آمريڪا جو ماڻهو آهي، هن کي آمريڪا ئي هتي موڪليو آهي، آمريڪا نٿو چاهي ته چين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري. شڪارپور ۾ جي يو آءِ جي وڏي عام جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته آمريڪا نه ٿو چاهي ته چين پاڪستان اچي سرمائيڪاري ڪري، هاڻي اسان کي چين کي اعتماد ۾ وٺڻو پوندو. هن چيو ته ڳوٺ ۾ جيڪڏهن بگهڙ اچي وڃي ته ڳوٺاڻا ملي ڪري ان کي پڪڙيندا آهن ۽ پنهنجو مال بچائيندا آهن، هاڻي به اسان سڀني کي ملي ڪري هن ملڪ کي بچائڻو آهي، انهن جو چھرو به ڏسي وٺو جيڪي رياست مدينه جو نالو وٺي رھيا آھن. هن چيو ته اسان منزل جي ويجها پھتا آهيون، اسرائيل کان ڊائريڪشن وٺندڙن جو خاتمو ڪرڻو آھي، اسان اسلام جي روشني ۾ هن ملڪ کي سڌارڻ آيا آهيون، الله جي ڳالهه ڪرڻ کان هي ماڻهو گهٻرائن ٿا، اڄ اسلام جي نالي تي اهي ماڻهون سياست ڪن ٿا پر اسلام جي نالي کان ناواقف آهن، هو جهاد جو نالو وٺي ٿو ۽ فحاشي ڦهلائي ٿو، اسان ان جي رستا روڪ ڪنداسين. هن چيو ته آزادي جو درس اهو ڏيندو آهي جنهن جي تاريخ شاهه ولي الله سان ملي ٿي. هن چيو ته اڄ مغربي ملڪ ۽ انهن جي تهذيب اسان جي دين مٿان حملو ڪري رهيون آهن، اسان اسلام جي روشني ۾ هن ملڪ کي سڌارينداسين. هن چيو ته عمران خان ساڍا ٽي سال حڪومت ڪئي ڪارڪردگي ڇا ڏيکاري، اڄ عمران مهانگائي خلاف نعرا هڻي رهيو آهي، هن جي ئي دور ۾ مهانگائي شروع ٿي. هن چيو ته هن طرح سياست ناهي ٿيندي، هڪ مهينو ٿي ويو آ اڃان تائين هو اسلام آباد ناهي پهتو، خبر ئي نه پئي ته گولي هلي ۽ خبر ئي نه پئي ته گولي لڳي. هن چيو ته عمران خان پارليامينٽ ۾ قانون سازي ڪئي، اسٽيٽ بئنڪ آءِ ايم ايف کي وڪڻي ڇڏي، شڪر آهي عمران مان جان ڇٽي. هن چيو ته عمران چوي ٿو ته آمريڪا سازش ڪئي آهي، خبر آهي آمريڪا ئي توکي موڪليو آهي، اليڪشن ڪميشن چئي ڇڏيو آهي ته تون فارين فنڊ ۾ ملوث آهين، تون ڪير به آهين پر جمعيت العماءِ اسلام تنهنجي مقابلي ۾ بيٺي آهي. ان کان اڳ مولانا فضل الرحمان جتوئي هائوس ۾ اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي سان بند ڪمري ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ شڪارپور ضلعي ۾ گڏيل اميدوار بيهارڻ تي غور ويچار ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button