دوداپور ويجهو ٽن مهينن کان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ دوداپور وايا درگاهھ لعل شاهه بري لنڪ روڊ کي 50 کان 100 فوٽ لڳل ڪٽ اڃان تائين بند نه ٿيڻ خلاف فقيرن ۽ زائرين درگاهه لعل شاهه بخاري اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي فقير صدام حسين شيخ، فقير عبدالفتاح شيخ، نواز شريف بروھي، عابد عباس بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ درگاهه لعل شاهه بري اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي هنن الزام هڻندي چيو ته ڊي سي جيڪب آباد، اي سي مختيارڪار ڳڙھي خيرو اڳيان ڪيترائي ڀيرا دانهون ڪيون پر ڪو کڙ تيل ناهي نڪتو. هنن چيو ته روڊ کي ڪٽ ھجڻ سبب هڪ سئو کان وڌيڪ ڳوٺن جو شھرن کان گذريل ٽن مهينن کان زميني رابطو ڪٽيل آھي، رستو نه هجڻ سبب نه راشن مليو ۽ نه ئي ٽئنٽ مليا آھن ۽ نه ئي ڪو اين جي اوز وارو سروي ڪرڻ لا هتي اچڻ لا تيار آھي، جنهن سبب زندگي عذابن سان گذارڻ تي مجبور آھيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close