ڀان سيدآباد جي چنا محلي جي رھواسي شينھن عرف شمشاد چنا اباڻي ملڪيت مان حصو نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. هن الزام ھنيو ته سئوٽ قربان چنا ۽ اشرف چنا اباڻي ملڪيت 5 ھزار فوٽ پلاٽ مان مونکي حصو ڏيڻ لا تيار ناهن، جن خلاف ڀان ٿاڻي تي درخواست ڏني آهي پر پوليس بااثرن کي گرفتار ڪرڻ لا تيار ناھي. هن چيو ته شھر جي معززين کي به شڪايت ڏني پر ڪنھن مدد نه ڪئي آھي. مان غريب آھيان ۽ پٽ معذور آھي. ھن ايس ايس ڄامشورو کي اپيل ڪئي ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري ملڪيت مان حصو ڏياري انصاف فراھم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close