
حيدرآباد: عمرڪوٽ ٿرديپ ڳوٺاڻو ترقياتي پروگرام طرفان غريب گھراڻن جي مالي مدد ۽ حڪومت پاڪستان جي سهڪار سان اثاثن جي منتقلي جي تقريب ٿي گذري، جنهن ۾ پروگرام هيڊ ڪنهائي آسناڻي ۽ يونٽ انچارج راوت سنگهه سوڍو تعلقي عمرڪوٽ جي يونين ڪائٔونسل شھيد کيجراڙي جي ٻن ڳوٺن ۾ منظور ٿيل 56 گهراڻن مان 52 گھراڻن کي ٻڪريون ۽ مينهون اثاثن جي صورت ۾ ڏنيون ته جيئن اهي پاڻڀرا ٿي غربت مان ٻاهر نڪري سگهن. جڏھن ته باقي چار گھراڻن کي ننڍن ننڍن ڪاروبارن لا رڪشا ۽ ٻيا اثاثا جلد مھيا ڪيا ويندا. ان موقعي تي ڪنهائي آسناڻي چيو ته هن پروگرام جو مقصد غريب ترين گھراڻن کي غربت مان ڪڍي پاڻڀرو ڪرڻ آهي ته جئين هو سماجي ۽ معاشي طور تي پاڻڀرا هجن، هي پروگرام ضلعي ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ جي 34 يونين ڪائونسلن ۾ هلي رهيو آهي، ان ۾ اثاثن جي منتقلي، هنري سکيائون ۽ ڪاروبار لاءِ بنا وياج وارو قرض غريب گهراڻن کي مهيا ڪيو ويندو. تقريب ۾ تنو مل، راجيش ڪمار، صدام حسين خاصخيلي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.