ٿاڻوبولاخان: ٿاڻوبولاخان پوليس ٿاڻو عارب خان جي ڳوٺ فيروز ڪاسوٽو ۾ ھڪ دڪان تي ڇاپو ھڻي 20 پيڪٽ زيڊ-21 مين پڙيون ۽ نشي آور مائو گٽڪو ھٿ ڪري منشيات فروش عباس ڪاسوٽو کي گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪندي مٿس منشيات وڪرو ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري چالان ڪري ڇڏيو آھي. ٿاڻوبولاخان جي پوليس ايس ايڇ او ڪريم بخش کوکر صحافين کي ٻڌايو ته جوابدار عباس ڪاسوٽو ٿاڻو عارب خان ۾ مائو گٽڪو ٺاھي سپلائي ڪندو آھي. ڪالهه دڪان تي ڇاپو ھڻي زيڊ-21 ۽ مائو گٽڪو ھٿ ڪري کيس گرفتار ڪيو آھي. اڄ کيس سول ڪورٽ ٿاڻوبولاخان ۾ پيش ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close