پاڪستانسنڌ

ٿاڻوبولاخان ۾ عورت سان نڪاح مٿان نڪاح ڪندڙ نوجوان گرفتار

ٿاڻوبولاخان: 5 مھينا اڳ ٿاڻوبولاخان واسڻ پرڻيل ڇوڪري تسليم خاصخيلي زال غلام مصطفى خاصخيلي سان رانگ نمبر ذريعي ڳالهائيندڙ نڪاح مٿان نڪاح ڪري مبينا پسند جو پرڻو ڪندڙ ڪنڊيارو واسي نوجوان ڌهران گھانگرو مٿان ڇوڪري جي پهرئين مڙس غلام مصطفى خاصخيلي جي فرياد تي ٿاڻوبولاخان پوليس اسٽيشن تي زال کي زوري اغوا ۽ نڪاح مٿان نڪاح ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جنهن کانپو ٿاڻوبولاخان پوليس جوابدار ڌھران گھانگرو کي گرفتار ڪري ورتو آھي. ٻئي پاسي ٿاڻوبولاخان پوليس جوابدار کي سول ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڪورٽ کان ٽن ڏينھن جو ريمانڊ وٺي ڇڏيو آهي. جڏهن ته گرفتار نوجوان صحافين کي ٻڌايو ته 5 مھينا اڳ ٿاڻوبولاخان واسڻ تسليم خاصخيلي سان فون تي رابطو ٿيڻ کانپو پسند جو پرڻو ڪيو آهي.

نوجوان اھو به ٻڌايو ته ڇوڪري مون سان پيار جو پرڻو ڪرڻ لا پاڻ منھنجي ڳوٺ فون جي ذريعي رابطو ڪري پھتي هئي. کيس زبردستي اغوا ناھي ڪيو. اسان ٻنھي ھڪٻئي سان راز خوشي سان پسند جو پرڻو ڪيو آھي. نڪاح نامو به موجود آھي. ٻئي پاسي ٿاڻوبولاخان پوليس جو چوڻ آھي ته جوابدار کي گرفتار ڪيو آھي، جلد ڇوڪري کي ھٿ ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button