سنڌ

ماهيگيري جي عالمي ڏينهن تي ڪراچي ۾ فشر فوڪ فورم جي ريلي

ماهيگيري جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪراچي ۾ پاڪستان فشر فوڪ فورم طرفان ڪالهه ريگل چوڪ صدر کان پريس ڪلب ڪراچي تائين هڪ وڏي رنگا رنگ ۽ ثقافتي ريلي ڪڍي وئي. ڪراچي، ٺٽو، سجاول، بدين، عمرڪوٽ، سانگهڙ، حيدرآباد، ڄامشورو، لاڙڪاڻو، سکر ۽ ٻين ضلعن کان سوين مهاڻن جن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جو وڏو انگ شامل هو، جن قافلن جي صورت اچي ريلي ۾ شرڪت ڪئي. ريلي جي اڳواڻي پاڪستان فشر فوڪ فورم جو مرڪزي چيئرمين مهراڻ علي شاهه، وائيس چيئرمين نور محمد ٿيهمور، سينئر وائيس چيئرپرسن ياسمين شاهه، جنرل سيڪريٽري محمد رمضان ملاح ۽ پاڪستان فشر فوڪ فورم جي ضلعي اڳواڻن سميت سماج سڌارڪ ادارن جا اڳواڻ ڪري رهيا هئا. جڏهن ته مهاڻن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا، رنگا رنگ ۽ ثقافتي ريلي ۾ شريڪ مهاڻا فشر فوڪ فورم جا جهنڊا لهرائيندي، گيت ڳائيندي، رقص ڪندي مختلف هنڌن تان گذرندي ريگل چوڪ کان پريس ڪلب ڪراچي پهتا. ان موقعي تي مهاڻن جي ميڙ کي خطاب ڪندي پاڪستان فشر فوڪ فورم جي چيئرمين مهراڻ علي شاهه چيو ته اڄ هي ماهيگيري جو عالمي ڏينهن “اوشين گريبنگ ۽ بليو اڪانومي خلاف ڪارروائي” جي عنوان هيٺ ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ ننڍي پيماني تي ماهيگيري ڪندڙ ماهيگيرن کي بيروزگاري ۽ خوراڪ جي کوٽ جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. حد کان وڌيڪ مڇي جي غير فطري شڪار ۽ ماحولياتي تباهي سبب دنيا جي 30 ڪروڙ کان مٿي مهاڻن جو روزگار خطري ۾ پئجي ويو آهي ۽ اسان سڀني کي گڏجي ان تباهي کي روڪڻو پوندو. هن چيو ته هن وقت به مهاڻن کي اڻ ڳڻيا مسئلا درپيش آهن، جنهن ۾ قدرتي پاڻيءَ جي ذريعن تي بااثر ماڻهن جو قبضو، سامونڊي حدن جي آڙ ۾ مهاڻن جون گرفتاريون، سامونڊي ٻيٽن تي قبضا، تمر جي ٻيلن جي غير قانوني واڍي، مڇيءَ جي نسل ڪشي، مهاڻن کي مڇيءَ جو مناسب اگهه نه ڏيڻ، سمنڊ ڪنارن تي قبضا، غير لاڳاپيل ماڻهن جو ماهيگيري ۾ جُنبڻ، مهاڻين آبادين ۾ تعليم، صحت ۽ روزگار جا بهتر ذريعا نه هجڻ ۽ مهاڻن سان ظلم، جبر ۽ زيادتي سميت ٻيا مسئلا شامل آهن. هن چيو ته پاڪستان فشر فوڪ فورم هر ظالم جي ظلم سان مهاڏو اٽڪايو آهي ۽ اڄ به اسان مهاڻن جي حقن جي حاصلات لاءِ مضبوط حوصلو رکون ٿا. اڳواڻن گھر ڪئي تھ ماھيگيري جي عالمي ڏھاڙي کي موجوده حڪومت تسليم ڪندي سرڪاري سطح تي ملھائڻ جو اعلان ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button