مورو: مورو ۾ نوابشاهه پوليس ايس ايڇ او جاويد اقبال جي اڳواڻي ۾ جوابدار بدران درس روڊ تي شهري آفتاب علي بھڻ جي گھر ۾ گهڙي وئي، جنهن بعد گهرڀاتين ۽ پاڙيوارن ايس ايڇ او سميت 7 پوليس اهلڪارن کي يرغمال بڻائي مورو پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن کان پو ڊي ايس پي امداد سولنگي ۽ ايڊيشنل ايس ايڇ او حاڪم الدين سهتو پهچي نوابشاهه جي عملدار سميت اهلڪارن کي ٿاڻي تي وٺي آيا. ان موقعي تي گھرڌڻي مورو بيھڻ ۽ سندس پٽ آفتاب علي بھڻ صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي گھر تي بناجواز نوابشاهھ پوليس چڙھائي ڪئي آھي، جنهن جي جاچ ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي پاسي نوابشاھه جي ايس ايڇ او جاويد اقبال ٻڌايو ته اسان نوابشاھه ۾ داخل ھڪ ايف آ آر ۾ ڄاڻايل جوابدار جي گرفتاري لاءِ آيا آهيون، پر غلطي سان شهري جي گهر ۾ داخل ٿي وياسين، ان لا گهرڌڻي کان معذرت ڪريون ٿا. ٻي طرف نوابشاهه پوليس لکت ۾ شهري کان معافي وٺي معاملو لئه مٽي ڪري ڇڏيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close