سنڌ

ٻوڏ متاثرن جي بحالي لا حيدرآباد کان ڀٽ شاهه تائين مارچ

سنڌ جي مختلف شھرن ۽ ڳوٺن مان برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ فنڊن ۾ ڪرپشن خلاف ٻوڏ متاثرن جي بحالي ڪميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر بدر چنا، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙو، ايس ٽي پي مرڪزي اڳواڻ حيدر شاهاڻي، اي جي پي جي نذير قريشي، پنهل ساريو، فنڪشنل جي رفيق مگسي، لياقت ملاح، عابد شاهاڻي، رشيد ڏيٿو، سردار اياز ميمڻ، شڪور ناز خاصخيلي، اياز سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد ۾ نسيم نگر چوڪ کان ڀٽ شاهه درگاهه لطيف تي دانهن ڏيڻ لا مارچ پهتو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت هٿ سان لکين سنڌين کي ٻوڙي دربدر ڪيو، جيڪي متاثرين بي يارو مددگار آهن. عالمي ادارا ۽ مختلف ملڪ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ لکين ڊالر فنڊ موڪلي رهيا آهن پر انهن پئسن مان ٻوڏ متاثرين کي هڪ رپئي جو به فائدو نه پهتو آهي. ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اڄ به پاڻي بيٺل آهي، جنهن ڪري اهي ڳوٺ آبادي لائق نه رهيا آهن. هنن چيو ته پ پ سرڪار ٻوڏ متاثرن جي امداد کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهي آهي. هنن چيو ته سياري جي مند شروع ٿي وئي آهي پر ٻوڏ متاثرين کي ڪنهن به قسم جا گرم ڪپڙا ۽ ٻيو سامان فراهم نه ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button