اسلام آبادپاڪستان

آرمي چيف جو پاڪ بحريا، ايئرفورس ۽ ڪور راولپنڊي جو الوداعي دورو

پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا پاڪستان جي فضائي ۽ سامونڊي سرحدن جي تحفظ لاءِ پاڪ فضائيه ۽ بحريه جي ڪردار کي ساراهيو. آءِ ايس پي آر مطابق پنهنجي الوداعي دؤرن دوران چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ نيول ۽ ايئر هيڊ ڪوارٽرز ۽ ڪور هيڊ ڪوارٽرز راولپنڊيءَ جو دؤرو ڪيو. نيول هيڊ ڪوارٽر آمد تي پاڪ بحريه جي برجستي جٿي آرمي چيف کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. آرمي چيف نيول هيڊ ڪوارٽرز ۾ پرنسپل اسٽاف آفيسرن سان ملاقات ڪئي. پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي سان ملاقات دوران آرمي چيف پاڪستاني جي سامونڊي سرحدن جي تحفظ ۾ پاڪ بحريه جي ڪردار کي ساراهيو. ايئر هيڊ ڪوارٽرز آمد تي آرمي چيف کي پاڪ فضائيه جي هڪ جٿي گارڊ آف آنر پيش ڪيو، جنهن کانپوءِ هن ايئر هيڊ ڪوارٽرز جي پرنسپل اسٽاف آفيسرن سان ڳالهيون ڪيون. بعد ۾ آرمي چيف پاڪ فضائيه سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان جي فضائي سرحدن جي دفاع ڪرڻ تي پاڪ فضائيه جي ڀرپور پيشوراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پي اي ايف جي اهم ڪردار تي روشني وڌي. آرمي چيف هيڊ ڪوارٽرز راولپنڊي ڪور جو دؤرو پڻ ڪيو ۽ شهيدن جي يادگار تي گُلن جي چادر چاڙهي. آفيسرن ۽ فوجين کي خطاب ڪندي آرمي چيف سياچن ۽ لائن آف ڪنٽرول سميت ملڪي سرحدن جو دفاع ڪرڻ تي راولپنڊي ڪور کي ساراهيو. آرمي چيف فوجين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان کان اڳ آرمي چيف جي آمد تي ڪور ڪمانڊر راولپنڊي ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا سندس استقبال ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button