پاڪستان

ظلم جو دور ختم ٿيڻ وارو آهي،ايندڙ وقت ۾ اظهار جي آزادي هوندي:عمران خان

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ظلم جو دور ختم ٿيڻ وارو آهي، ايندڙ وقتن ۾ اظهار جي آزادي هوندي، اسان پاڙيسري ملڪ ڀارت سان سٺن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون، جڏهن ته چين ۽ آمريڪا سان به بهتر لاڳاپا برقرار رکڻ چاهيون ٿا. تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي صدارت هيٺ زمان پارڪ لاهور ۾ ٿيل اجلاس ۾ سياسي صورتحال، لانگ مارچ سميت اهم معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ شاهه محمود قريشي اسد عمر، فواد چوڌري، فرخ حبيب، داڪٽر شيرين مزاري، اسد قيصر، علي زيدي، ذلفي بخاري، پرويز خٽڪ، علي امين گنڊاپور، مراد سعيد، عامر ڪياني، بابر اعواڻ، شفقت محمود، اعجاز چوڌري، اعظم سواتي، شاهه فرمان، علي اعواڻ، شبلي فراز ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ راولپنڊي لا ڏنل سڏ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ملڪ جي معاشي بحران ۽ ان سان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي به غور ڪيو ويو. ڪارڪنن عمران خان کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ايف آئي اي جون انتقامي ڪارروايون جاري آهن نوٽيس اماڻي اسان کي هراسان ڪيو پيو وڃي. جنهن تي عمران خان چيو ته ظلم جو هي دور ختم ٿيڻ وارو آهي ايندڙ وقتن ۾ راءِ جي اظهار جي آزادي هوندي. امپورٽيڊ سرڪار عوام ۽ ادارن کي آمهون سامهون آڻي بيهارڻ چاهي ٿي پر قوم سڀني چورن کي سڃاڻي چڪي آهي. هوڏانهن برطانوي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته اسان ڀارت سان سٺن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون پر جيستائين اتي ڀارتيا جنتا پارٽي جي قيادت آهي، اهو ممڪن نٿو لڳي، ڪشمير جي مسئلي سان گڏوگڏ پاڪ- ڀارت واپار به ممڪن ناهي، ٻيهر وزيراعظم چونڊجڻ جي صورت ۾ طالبان ۽ ايران جي سپريم ليڊر سميت ٻين پاڙيسري ملڪن سان سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. هن وڌيڪ چيو ته چين ۽ آمريڪا سميت سڀني ملڪن سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا پر اسان هاڻي ڪنهن به ملڪ جي سرد جنگ جو حصو بڻجڻ نٿا چاهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button