انڊونيشيا ۾ 5 ڏهائي 6 شدت جي زلزلي تباهي مچائي ڇڏي، لوڏن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي عمارتون ڍير ٿي ويون، 162 ماڻهو فوت ۽ 700 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. تفصيل موجب انڊونيشيا جي ٻيٽ جاوا جي علائقي سيانجر ۽ گادي واري شهر جڪارتا ۾ پڻ 5 ڏهائي 6 جي شدت جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 5 ڏهائي 6 هئي ۽ ان جو مرڪز جاوا جي اوڀرين علائقي ۾ 10 ڪلوميٽر اونهائي ۾ هو. زلزلي جا لوڏا گادي واري شهر ۾ به محسوس ڪيا ويا. پرڏيهي ميڊيا مطابق سومر جي صبح جاوا ۾ ٻيٽ آيل زلزلي سبب عمارتون 3 منٽن تائين لڏنديون رهيون، ڪجهه عمارتن کي خالي به ڪرايو ويو، جڏهن ته ڊٿل عمارتن جي ڍير هيٺان ڪيترائي ماڻهو دٻيل آهن. انڊونيشيا جي ڊيزاسٽرمئنيجمينٽ ترجمان زلزلي ۾ 162 ماڻهو فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جڏهن ته 700 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن. جن کي اسپتالن ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي، امدادي ڪمن دوران وڌيڪ لاش ملڻ جو سلسلو به جاري آهي، زخمين مان ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب جاني نقصان وڌڻ جو خدشو ڏيکاريو ويو آهي، شهرين کي زلزلي جي آفٽر شاڪس کان خبردار رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close