اسلام آبادپاڪستان

آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ اسحاق ڊار کي ڪلين چٽ،ڪارروائي ختم

اسلام آباد :اسلام آباد جي احتساب عدالت ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ ڪارروائي ختم ڪري ڇڏي.احتساب عدالت جي جج محمد بشير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ فيصلو ٻڌائيندي چيو ته نيب ترميمي ايڪٽ کانپوءِ ڄاڻايل ڪيس هن عدالت جي دائري ۾ ناهي رهيو، تنهنڪري عدالت نه جوابدار ۽ نه ئي نيب بابت فيصلو ڏئي سگهي ٿي. جج چيو ته نيب ترميمي ايڪٽ بعد عدالت هاڻ بريت جي درخواستن تي فيصلو جو به اختيار نٿي رکي. انڪري اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري نيب ريفرنس جي ڪارروائي ختم ڪئي وڃي ٿي. ياد رهي ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن وارو ريفرنس نيب طرفان 2017ع ۾ داخل ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button