اسلام آباد :چين جي نيشنل ڊولپمينٽ اينڊ ريفارم ڪميشن جي ترجمان مينگ وي چيو آهي ته گذريل 9 سالن ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهداري سي پيڪ عيوض هڪ لک 90 هزار نوڪريون پيدا ٿيون آهن، جيڪو بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽوز جو هڪ پائليٽ پروجيڪٽ آهي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته سي پيڪ تي گڏيل سهڪار ڪميٽي جي سي سي جنهن تحت گوادر پورٽ، توانائي انفراسٽرڪچر ۽ صنعتن ۾ سهڪار تي ڌيان ڏنل آهي ۽ ان کي چين ۽ پاڪستان 2013ع ۾ قائم ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن زراعت، سماجي ترقي، ماڻهن جي زندگي جي معيار ۾ بهتري، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبن کي شامل ڪي سهڪار جي سلسلي کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close