ميهڙ: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران ھٿرادو ڪٽ ڏيڻ، ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ بدامني خلاف 16 ھين ڏينهن به ميهڙ ۾ ضلعي دادو جي صدر سڪندر علي سوڍر، حبيب حضوري، عرس سوڍر، ولي محمد ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آزاد پريس ڪلب ميھڙ اڳيان علامتي بک ھڙتال ڪري احتجاج جاري رکيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ميھڙ تعلقي ۾ آيل ٻوڏ کي ٻن مھينن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آھي پر زرعي زمينن مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿو ڪيو وڃي، ساريالو فصل ته ويو پر ڪڻڪ جو فصل به نه ٿي سگھيو آھي، جنھن سبب ڳوٺاڻا ۽ آبادگار پريشان آھن. ھنن چيو ته ٻوڏ دوران جيڪي ڪٽ ڏنا ويا ھئا، اھي به ھن وقت تائين بند نه ٿي سگھيا آھن، جنھن سبب ماروئڙن کي سفر ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. ھنن مطالبو ڪيو ته ميھڙ تعلقي مان ٻوڏ جو پاڻي جلد نيڪال ڪري ھٿرادو ڪٽ بند ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close