پاڪستانسنڌ

سيوھڻ حادثي ۾ 21 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جو ٻيو ڪيس داخل، 6 آفيسر نامزد

سيوھڻ: سيوھڻ ٽول پلازه ڀرسان پيش آيل حادثي جو ٻيو ڪيس وارثن ۽ وين ڊرائيور جي فرياد تي سيوھڻ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي ۽ موٽروي پوليس جي 6 آفيسرن کي ذميوار قرار ڏئي ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو. خبر موجب 17 نومبر جي رات سيوھڻ ٽول پلازه ڀرسان انڊس هاءِ وي تي ٿيل حادثي ۾ 21 انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو ھڪ ٻيو ڪيس سيوھڻ ٿاڻي تي فوتين جي وارثن ۽ وين ڊرائيور شاھنواز ڦلپوٽو جي فرياد تي نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي ۽ موٽروي پوليس جي 6 آفيسرن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي جي چئن آفيسرن ڊائريڪٽر اين ايڇ اي سائوٿ عبدالقدوس شيخ، ڊپٽي ڊائريڪٽر ذوالفقار علي شيخ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اخلاق حيدر شاهه، انسپيڪٽر اين ايڇ اي عابد حسين شاهه، موٽروي پوليس جي ڊي ايس پي اسرار احمد تنيو ۽ انسپيڪٽر موٽر وي پوليس عابد حسين شاهه خلاف سيڪشن 320,22,319,327,337 پي پي سي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

فريادين ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آھي ته ھو پنھنجي ڳوٺ مان ھڪ وين ۽ ھڪ ڪار ۾ سوار ٿي سيوھڻ اچي رھيا ھئاسين ته ڀان سيدآباد وٽ رات ٿي وئي، اٺين وڳي ڌاري سيوھڻ ٽول ڀرسان اسان اڳيان ھلندڙ وين اوچتو اونھي کڏي ۾ ڪري پئي، جنھن ۾ اسان جي خاندان جا 21 ماڻھو فوت ٿي ويا، جيڪا نااھلي اين ايڇ اي ۽ موٽروي پوليس جي آھي. ياد رهي ته ھن کان اڳ حادثي جو سرڪار پاران اي ايس آ اظھر علي جوکيو جي فرياد تي ساڳين قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو ھو. 2-2 ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس ڪابه ڪارروائي نه ڪري سگهي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button