اسلام آبادپاڪستان

فيصلن جا اختيار وزيراعظم حوالي،جيڪو به فيصلو ڪندا،اسان گڏ آهيون:حڪومتي اتحاد

اسلام آباد :حڪمران اتحاد ۾ شامل جماعتن آرمي چيف جي مقرري جي معاملي تي وزيراعظم شهباز شريف تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪندي اهم مقرري سميت ٻيا فيصلا ڪرڻ جو مڪمل اختيار ڏئي ڇڏيو آهي. ڪالهه وزيراعظم جي صدارت هيٺ اتحادي پارٽين جي سربراهن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان، خالد مگسي، ڪابينا ميمبرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو ته شهباز شريف! توهان وزيراعظم آهيو ۽ آئين توهان کي اهو اختيار ۽ استحقاق ڏنو آهي. مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته الله تعاليٰ اوهان کي ان عهدي تي رکيو آهي، اهو اوهان جو آئيني حق آهي. بلوچستان عوامي پارٽي جي اڳواڻ خالد مگسي وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جيڪو به فيصلو ڪيو، اسان توهان جو ساٿ ڏينداسين، توهان سان گڏ بيٺا آهيون. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ميان صاحب! اسان توهان سان هر فيصلي ۾ گڏ آهيون. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو ته اسان کي توهان تي مڪمل اعتماد آهي، مقرري توهان جو آئيني حق آهي. توهان اسان کي ڏنو آهي جنهن لاءِ اسان مشاورت ڪئي. توهان جا ٿورائتا آهيون. شاهه زين بگٽي چيو دستور توهان کي ذميواري ڏني آهي، اسان توهان جي فيصلن جي حمايت ڪيون ٿا، مشاورت توهان جي جمهوري سوچ کي ظاهر ڪري ٿي. ان کانسواءِ اسلم ڀوتاڻي، محسن داوڙ ۽ آفتاب شيرپائو به وزيراعظم جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو. ذريعن موجب وزيراعظم سمورن اتحادين کي اعتماد ۾ ورتو، جنهن تي سمورن اتحادين وزيراعظم تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي اعلان ڪيو ته وزيراعظم جيڪو به فيصلو ڪندو، اسان ان کي قبول ڪنداسين. ان کان اڳ چوڌري شجاعت حسين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وچ ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ ملاقاتن سميت ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ اهم مقرري جي معاملي تي مشاورت ڪئي وئي ۽ وزيراعظم اهم مقرري جي معاملي تي اتحادين کي اعتماد ۾ ورتو. ٻئي طرف بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته اهم مقرري تي هڪ ٻن ڏينهن ۾ فيصلو ٿي ويندو، سپهه سالار جو نالو اڄ تائين فائنل ٿي ويندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته اهم مقرري تي قانوني گهرجون پوريون ڪيون پيون وڃن ۽ ان حوالي سان اتحادين سميت ڪابينا کي مڪمل اعتماد ۾ ورتو ويندو. هڪ صحافي کانئس سوال ڪيو ته آرٽيڪل 243 ۾ ته اعتماد بابت ناهي لکيل؟ جنهن بچاءَ واري وزير چيو ته مون کي ايترن آرٽيڪلز جي ڄاڻ ناهي، مان اڳڪٿيون نٿو ڪرڻ چاهيان. هن چيو ته اهڙي مقرري کي عوامي بحث جو حصو نه بڻجڻ گهرجي، گذريل ڪجهه مهينن کان جيڪا صورتحال آهي اها هڪ ٻن ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ خواجا آصف چيو ته اهڙي قسم جي شين تي صدر يا وزيراعظم کي ملڪ ۽ قوم جي بهتر مفاد ۾ فيصلا ڪرڻ کپن، ان ۾ سياست کان هٽي ڪري، قانون، آئين ۽ وطن جي مفادن پٽاندڙ فيصلا ٿيڻ گهرجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button