پاڪستانسنڌ

نوابشاهه ۾ مڙس، پهاج ۽ ٻين خلاف نوجوان ناري جو احتجاج

نوابشاهه: نوابشاهه جي علائقي اصغر شاهه ڪالوني جي رھواسڻ نوجوان ناري صاحبا سيال پنهنجي ما نوربانو سيال سان گڏ پنھنجي مڙس بلديا ملازم پرويز سولنگي جي ناانصافين خلاف نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندي چيو ته ٽي مھينا اڳ پرويز سولنگي مون سان دوکي سان شادي ڪئي هئي، جڏهن ته ان جون ٽي شاديون اڳ به ٿيل ھيون، جيڪا مون کي خبر نه ھئي، جڏهن اھا ڳالهه منظرعام تي آئي ته پرويز سولنگي ان جي پھرين زال حنا ۽ پرويز سولنگي جي ڀائرن مون کي زھر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ تشدد ڪرڻ بعد مون کي اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا، اهڙي شڪايت ٿاڻي تي ڏيڻ ويس پر تدارڪ نه ٿيو آهي، هاڻي مڙس ۽ ان جي ڀائرن مان جان کي خطرو آهي، مون کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button