اسلام آبادپاڪستان

جنرل عاصم منير فوج جو سربراهه مقرر

اسلام آباد :صدر عارف علوي وزيراعظم شهباز شريف طرفان موڪليل اهم فوجي مقررين جي سمري تي صحيح ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ جنرل عاصم منير ملڪ جون 17 هون آرمي چيف ۽ جنرل ساحر شمشاد جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو چيئرمين بڻجي ويو آهي. آئين جي آرٽيڪل 243 چار اي ۽ بي، پاڪستان آرمي ايڪٽ 1952 جي آرٽيڪل 48 ۽ سيڪشن 8 اي ۽ 8 ڊي تحت صدر طرفان ترقيون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن. ان ڏس ۾ ڪالهه صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم طرفان موڪليل آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي مقرري جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي.صدر عارف علوي طرفان عمران خان سان ملاقات کانپوءِ صدر هائوس ۾ قانوني ماهرن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ آئين جي آرٽيڪل 243 تحت وزيراعظم جي موڪليل سفارش جي منظوري ڏني وئي. صدر طرفان سمري جي منظوري کانپوءِ ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا کي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو چيئرمين ۽ ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير کي چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪيو ويو آهي. ايوان صدر مان جاري ڪيل پڌرائي موجب صدر عارف علوي ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا کي فوري طور تي جنرل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ ۽ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جيڪا 27 نومبر کان لاڳو ٿيندي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته صدر مملڪت ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير کي فوري طور تي جنرل جي عهدي تي ترقي ۽ چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن جو اطلاق 29 نومبر 2022ع کان ٿيندو. جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته صدر آئين جي آرٽيڪل 243 فور اي ۽ بي، پاڪستان آرمي ايڪٽ 1952ع جي آرٽيڪل 48 ۽ سيڪشن 8 اي ۽ 8 ڊي تحت ترقيون ۽ مقرريون ڪيون ۽ وزيراعظم هائوس کي مليل سمري تي صحيحون ڪيون. صدر جي منظوري کانپوءِ سمري وزيراعظم هائوس کي ملي ويندي، جنهن کانپوءِ دفاع واري وزارت طرفان آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي مقرري جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف جي مقرري تي غور ويچار ڪيو ويو، جنهن ۾ سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب، بچاءَ واري وزير خواجا آصف، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، شيري رحمان، عون چوڌري، چوڌري سالڪ حسين، امين الحق، شاهه زين بگٽي، مولانا اسد محمود ۽ رياض پيرزاده شرڪت ڪئي. ملاقات کانپوءِ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٽوئيٽ ڪندي چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا کي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو چيئرمين ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد عاصم منير کي آرمي چيف مقرر ڪري ڇڏيو آهي. آئيني اختيار استعمال ڪندي اسٽاف مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن جي سمري منظوري لاءِ صدر ڏانهن موڪلي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button