اسلام آبادپاڪستان

اميد ته فوجي قيادت آئيني بحالي ۽ جمهوريت لا ڪردار ادا ڪندي:تحريڪ انصاف

اسلام آباد :آرمي چيف ۽ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين جي مقرري جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف طرفان باضابطا طور پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي. تحريڪ انصاف پڌرائيءَ ۾ چيو آهي ته فوج جي نئين سربراهه جي مقرري جي معاملي تي صدر جي پڌرائي اچي چڪي آهي، جنرل عاصم منير ۽ جنرل ساحر شمشاد لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيون ٿا. پڌرائيءَ موجب 8 مهينن جي واقعن واضح طور تي ملڪ ۾ فرق پيدا ڪيو، 8 مهينن ۾ جيڪي قدم کنيا ويا، انهن سان ملڪ ۽ ادارن کي نقصان پهتو، پاڪستان ۾ انساني حقن جي بدترين ڀڃڪڙي نظر آئي، صحافتي ادارن ۽ صحافين کي سخت دٻاءَ ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ارشد شريف جهڙي صحافي کي شهيد ڪيو ويو.تحريڪ انصاف جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته فوج جي نئين قيادت مان اسان کي اميد آهي ته اها آئيني حقن جي بحالي ۾ ڪردار ادا ڪندي، اميد آهي ته اها جمهوريت جي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button