اسلام آبادپاڪستان

فيصل واوڊا غلطي مڃي ۽ نااهل ٿي وڃي:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ فيصل واوڊا کي آمريڪي شهريت ختم ڪرڻ جي سرٽيفڪيٽ سان گڏ طلب ڪري ورتو. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ فيصل واوڊا جي ڪيس جي شنوائي ٿي، جنهن ۾ عدالت اڳوڻي وزير کي صبح 11 وڳي طلب ڪري ورتو. عدالت فيصل واوڊا کي آمريڪي شهريت ختم ڪرڻ جو سرٽيفڪيٽ گڏ آڻڻ جو حڪم ڏنو ۽ کيس ٻه آپشن ڏنا. چيف جسٽس چيو ته فيصل واوڊا پنهنجي غلطي مڃي ۽ 63 (1) سي تحت نااهل ٿي وڃي. ٻي صورت ۾ عدالت 62 (1) ايف تحت ڪيس ۾ اڳڀرائي ڪندي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته عدالت سامهون فيصل واوڊا جي تاحيات نااهلي لاءِ ڪافي مواد موجود آهي. فيصل واوڊا مڃي ته هن ڪوڙو حلفي بيان جمع ڪرايو ته هڪ مدي لاءِ نااهل ڪيو ويندو. جيڪڏهن نٿو وڃي ته تاحيات نااهل ٿيندو. فيصل واوڊا سپريم ڪورٽ سامهون پيش ٿي چئي ته هن ٻٽي شهريت جي تاريخ تبديل ڪئي. سپريم ڪورٽ چيو ته عدالت جي سامهون مواد آهي، جنهن مان ثابت ٿيو آهي ته فيصل واوڊا غلط حلفي بيان ڏنو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وٽ ته تاحيات نااهلي جي ڊڪليريشن جو اختيار آهي. سپريم ڪورٽ ڇو پنهنجي سامهون موجود شاهدين سان نااهل نٿي ڪري سگهي؟ فيصل واوڊا هڪ ڪوڙ لڪائڻ لاءِ ڪيترائي ڪوڙ ڳالهايا. عدالت ڪيس جي شنوائي اڄ صبح تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button