تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي ڄنگهه تان پلاسٽر لاٿو ويو، ڊاڪٽرن کيس سفر ڪرڻ جي اجازت به ڏئي ڇڏي آهي. اڳوڻي وزيراعظم کي لڳل زخمن جو معائنو ڪندڙ ڊاڪٽر خالد نيازي ميڊيا کي ٻڌايو ته عمران خان جي ڄنگهه تي لڳل پلاسٽر لاٿو ويو آهي، سندس گوڏي جي مٿان وارا زخم لڳ ڀڳ ٺيڪ آهن، جڏهن ته گوڏي جي هيٺان وارو زخم ٺيڪ ٿيڻ ۾ اڃا هڪ هفتو لڳندو. هن چيو ته عمران خان هاڻي پنهنجي ڄنگهه ڌوئي سگهي ٿو ۽ هلڪو وزن به وجهي سگهي ٿو، جڏهن ته هاڻ کيس سفر ڪرڻ جي به اجازت آهي. واضح رهي ته عمران خان لانگ مارچ دوران وزيرآباد ۾ ٿيل فائرنگ سبب زخمي ٿيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close