سنڌ

چڪ ويجهو ڪچي مان اغوا ٿيل ٻن نوجوانن کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي

چڪ ويجهو ڪچي مان اغوا ٿيل 2 نوجوان هفتو گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگهيا. چڪ ويجهو چڪ ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد آباغ ٻاهران نامعلوم هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل ڳوٺ مبارڪپور واسي 2 ڄڻا حمادالله سومرو ۽ طاهر سومرو ستين ڏينهن به بازياب نه ٿي سگهيا. نوجوانن جي بازيابي لا پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. وارثن جي گهرن ۾ بدستور ڪهرام متل آهي. مغوين جي وارثن ۽ جي يو آ پاران ايس ايس پي شڪارپور کي ڏنل اڄ ختم ٿي ويندي. جي يو آ پاران ڳوٺ عامل ۾ اجلاس ڪوٺايو ويو جنهن ۾ مغوي جي ڀا جي يو آئي جي ڪارڪن مولوي بهاوالدين سومرو ڳالهائيندي چيو ته ايس ايس پي شڪارپور کي 5 ڏينهن جي مهلت ڏني هئي جيڪا ختم ٿي وئي آهي پر اسان جا ٻچڙا بازياب ناهن ٿي سگهيا. احتجاج لا مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ جي يو آئي جي پليٽ فارم تان احتجاج لا رابطا ڪيا آهن، اجلاس ڪوٺايا ويا آهن. جيستائين اسان روڊ بند نه ڪنداسين تيستائين اسان جي ٻچڙن کي پوليس بازياب نه ڪرائيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button