اسلام آبادپاڪستان

فيصل واوڊا سينيٽ تان مستعفي،غلطي مڃڻ تي تاحيات نااهلي ختم

اسلام آباد :سينيٽر فيصل واوڊا آمريڪي شهريت جي حوالي سان ڪوڙو حلفي بيان جمع ڪرائڻ تي سپريم ڪورٽ کان غير مشروط معافي وٺندي سينيٽ جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. سپريم ڪورٽ سينيٽر فيصل واوڊا کي ڪوڙو حلف نامو جمع ڪرائڻ جي اعتراف بعد 5 سالن لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آھي. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ فيصل واوڊا جي حلفي بيان بابت ڪيس جي شنوائي ٿي. ان دوران چيف جسٽس فيصل واوڊا سان مڪالمو ڪندي چيو ته اوهان چئو ته ان وقت جي قانون مطابق اوهان قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ٿيڻ لاءِ اهل نه هئا. 15 جون 2018ع تي اوهان آمريڪي شهريت ڇڏڻ جي درخواست ڏني پر شهريت ڇڏي نه هئي. غلطي مڃو ٿا ته اوهان کي موجودا اسيمبلي جو مدو شروع ٿيڻ کان نااهل تصور ڪيو ويندو. جسٽس منصور علي شاهه سوال ڪيو ته شهريت ڇڏڻ وارو سرٽيفڪيٽ ڪڏهن جو آهي ۽ اسيمبلي رڪنيت تان استعيفيٰ ڪڏهن ڏني وئي؟ جنهن تي فيصل واوڊا چيو ته ٻٽي شهريت 25 هين جون 2018ع تي ڇڏي جڏهن ته اسيمبلي ءَ جي سيٽ تان 30 مارچ 2021ع تي استعيفيٰ ڏني هئي. چيف جسٽس چيو ته فيصل واوڊا ٽن سالن تائين قومي اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو، عدالت جو مقصد اوهان کي گهرائي شرمسار ڪرڻ نه آهي پر اوهان ٽن سالن تائين سڀني کي گمراهه ڪيو. عدالت آڏو پهرين معافي وٺو ۽ پوءِ چئو ته استعيفا ڏيان ٿو. عدالت آڏو معافي وٺندئو ۽ سٺي نيت سان استعيفيٰ ڏيندئو ته نااهلي 5 سالن جي هوندي. استعيفيٰ نه ڏيڻ جي صورت ۾ توهان خلاف 62 ون ايف جي ڪارروائي ٿيندي. فيصل واوڊا عدالت ۾ بيان ڏيندي عدالت کان غيرمشروط معافي وٺان ٿو. ڪوڙو حلفي بيان ڏيڻ جي نيت نه هئي، عدالت جو جيڪو فيصلو هوندو اهو قبول ڪندس. جسٽس عائشا ملڪ رمارڪس ڏنا ته اوهان کي جيڪو چيو پيو وڃي عدالت آڏو اهو ٻڌايو، جنهن تي فيصل واوڊا چيو ته تسليم ڪيان ٿو ته سٺي نيت سان پاڻ استعيفيٰ ڏني، آرٽيڪل 63 ون سي تحت نااهلي تسليم ڪيان ٿو. فيصل واوڊا جي غيرمشروط معافي کانپوءِ سپريم ڪورٽ سندس معافي تسليم ڪندي تاحيات نااهلي جي حڪم کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آھي ۽ کيس ايندڙ عام چونڊن ۽ سينيٽ اليڪشن وڙهڻ لاءِ اهل قرار ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ فيصل واوڊا خلاف اليڪشن ڪميشن ۽ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي فيصل واوڊا کي پنهنجي استعيفيٰ فوري سينيٽ چيئرمين ڏانهن اُماڻن جو حڪم پڻ ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ پاران تاحيات نااهلي جو حڪم ڪالعدم قرار ڏنو ويو، فيصل واوڊا ٻٽي شهريت بابت ڪوڙو حلف نامو جمع ڪرائڻ جو اعتراف ڪندي سپريم ڪورٽ کان غير مشروط معافي ورتي آھي، سينيٽ جي سيٽ تان استعيفا ڏيڻ جو اعلان به ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button